APP72-24 ISLAMABAD: May 24 – Speaker National Assembly Asad Qaiser in meeting with Iranian delegation headed by Foreign Minister Dr Mohammad Javed Zarif on Parliament House. APP

اسلام آباد – 24 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران جي عوام جي خوشحالي ۽ خطي جي ترقي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهو تعاون اڻٽر آهي، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خطي جي سلامتي لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي، ان جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون. هن اها ڳالهه ايراني پرڏيهي وزير ڊاڪٽر محمد جواد ظريف سان ڳالهائيندي چئي جنهن پارليامينٽ هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.