لاهور – 11 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سرڪاري اسپتالن جي معيار کي پرائيويٽ اسپتالن جي برابر آڻينداسين، سرڪاري اسپتالن ۾ سزا ۽ جزا جو نظام آندو ويندو، ڊاڪٽر سٺو ڪم ڪندا انهن جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي جڏهن ته ڪم چورن جو احتساب ٿيندو، جيستائين سرڪاري اسپتالون ٺيڪ نه ٿينديون غريبن کي بهتر علاج نه ٿو ملي سگهي، ان سلسلي ۾ اسان ڪنهن به رڪاوٽ کي برداشت نه ڪنداسين. لاهور ۾ شوڪت خانم اسپتال جي لاءِ فنڊ ريزنگ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اسان سدرڪاري اسپتالن جو معيار پرائيويٽ اسپتالن جي برابر آڻينداسين پر ان جو مقصد اهو هرگز نه آهي ته اسان اسپتالن جي نجڪاري ڪري رهيا آهيون، اسان جو مقصد ان ۾ بهتري آڻڻ آهي.