APP41-11 LAHORE: May 11 - Prime Minister Imran Khan meets Punjab Provincial cabinet members. APP

لاهور – 11 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جي سڀ کان وڏي قوت اسان جي افرادي قوت آهي، ترقياتي مصنوبن ۾ هنرمند ماڻهن جي لاءِ روزگارجا وڌ کان وڌ موقعا فراهم ڪريو، زراعت جي فروغ ۽ پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ مخصوص پراجيڪٽ شروع ڪيا وڃن، هر ترقياتي منصوبو عوامي ڀلائي جي لاءِ هجڻ گهرجي ۽ ان جو مدو پڄاڻي ۽ فعاليت کي نظر ۾ رکندي جوڙيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار سان پنجاب صوبائي ڪابينا جي اجلاس جي گڏيل صدارت جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو.