راولپنڊي – 11 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ئي اسان ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍنداسين، پناهگاهون ٺاهڻ جو ويزن وزيراعظم عمران خان ۽ سندس گهرواريءَ جو هو، اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن اهي ماڻهو پناهگاهن بدران پنهنجي گهرن ۾ رهندا، گذريل حڪومت جي دور ۾ حڪمرانن ملڪ کي قرضن ۾ ٻوڙي ڇڏيو، عمران خان غريب عوام جو آواز بڻجي سامهون آيو، گذريل حڪومت جي دور ۾ غلط پاليسين جي ڪري ملڪ کي معاشي طور تي ناقابل تلافي نقصان ٿيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن راولپنڊي ۾ راجا بازار، فواره چوڪ ۾ قائم پناهگاهه جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.