APP32-05 ISLAMABAD: April 05 - President Dr. Arif Alvi addressing the closing ceremony of HEC-Huawei ICT Skills Competition. APP

اسلام آباد – 05 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته دنيا جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻي ترقي جي ڊوڙ ۾ اڳتي نڪري رهي آهي، اسان جي نوجوانن کي جديد ٽيڪنالاجي کي بهتر طور تي سمجهندي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ دستياب موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي ۽ ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايڇ اي سي جي اهتمام هيٺ فني تربيت جي مقابلن جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.