APP02-29 ISLAMABAD: March 29 - Envoys-Designate of Japan, Apostolic Nunciature, Tajikistan, Cooperative Republic of Guyana, Burkina Faso, Republic Of Benin, Republic of Congo and Republic of Slovenia presenting their credentials to President Dr. Arif Alvi. APP

اسلام آباد – 29 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي جاپان، تاجڪستان سميت 8 مختلف ملڪن جي نامزد سفيرن پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون جڏهن ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان سمورن دوست ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ چاهي ٿو. جاپان، تاجڪستان، گيانا، جمهوريه سلوينيا، جمهوريه بينن، برڪينافاسو، اوبسٽالڪ ننسي ايچر ۽ ڪانگو جي پاڪستان جي لاءِ نامزد سفيرن ايوان صدر ۾ منعقد ٿيندڙ پروقار تقريب ۾ پنهنجون سفارتي سندون صدر کي پيش ڪيون.