APP43-12 ISLAMABAD: March 12 – Managing Director APPC Qamarullah Chaudri presenting a souvenir to International News Chief Editor of Anadolu Agency Furuk Tokat after a meeting at APPC Headquarters. APP photo by Afzaal Chaudhry

اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) ترڪ خابرو اداري اناطوليه ايجنسي (اي اي) پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ معتبر خبرن جي مٽاسٽا جي لاءِ قوم خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) سان تعاون کي سگهه ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. انقره ۾ قائم اناطوليه ايجنسي جي انٽرنيشنل نيوز چيف ايڊيٽر فاروق طوڪات وفد سان گڏ اي پي پي هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو. اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد قمرالله چوڌري سان ملاقات ۾ هن ٻنهي خابرو ادارن ۾ خبرن جي مٽاسٽا جي موجوده معاهدي کانسواءِ ميڊيا جي موجوده گهرجن موجب اي پي پي ۽ اناطوليه جي وچ ۾ وسيع تر حصيداري تي زور ڏنو.