APP43-18 ISLAMABAD: February 18 – President Dr. Arif Alvi in a meeting with Saudi Crown Prince HRH Mohammed bin Salman at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان هتي ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. سعودي شاهي خاندان جا ميمبر، پرڏيهي وزير ۽ اقتصادي معاملن وارو وزير پڻ ساڻس گڏ هئا. صدر سعودي ولي عهد جو پاڪستان جو دورو ڪرڻ ۽ گذريل سال پنهنجي سعودي عرب جي دوري ۾ مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا.