APP72-18 RAWALPINDI: February 18 – Saudi Crown Prince, HRH Prince Mohammed bin Salman bin Abdulaziz Al Saud waves hand before departs from Nur Khan Base, after concluding two days official visit to Pakistan. APP

اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) سعودي ولي عهد پاڪستان جو ٻن ڏينهن جو تاريخي دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وفاقي گادي واري شهر مان روانو ٿيو ته کيس شاندار استقبال وانگر شاندار طريقي سان الوداع پڻ ڪيو ويو. وزيراعظم عمران خان سعودي ولي عهد سان گڏ ايوان صدر کان نور خان ايئربيس تائين پاڻ گاڏي هلائي. ان موقعي تي نور خان ايئربيس تي وزيراعظم عمران خان ۽ سعودي ولي عهد ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي.