اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي اهتمام هيٺ جاري قومي اندر -19 هاڪي چيمپئين شپ (اڄ ) اڳاري تي وڌيڪ 5 ميچون شهناز هاڪي اسٽيديم راولپنڊي ۾ کيڏيون وينديون . پهرين ميچ بلوچستان ۽ پنجاب (بي ) ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي . ٻين ميچ ۾ فاٽا جو مقابلو خيبر پختونخوا (بي ) سان ٿيندو . ٽين ميچ ۾ پنجاب (سي ) ۽ اسلام آباد جون ٽيمون مقابلو ڪنديون .