APP26-28 DUBAI: January 28 - Chaudhry Fawad Hussain, Federal Minister for Information and Broadcasting addressing the launching ceremony of the campaign "Maidan Sajaana hai Pakistan ki Shan Barhana hai". APP

دبئي – 28 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان روشن مستقبل جي طرف وڌي رهيو آهي، پاڪستان، ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي فروغ ۾ اهم حصيدار آهي، پاڪستان پنهنجو عالمي تشخص ٻيهر حاصل ڪري رهيو آهي، پي ايس ايل -4 جي ميچن ۾ نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۽ قذافي اسٽيڊيم لاهور جي جهلڪ نظر ايندي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پي ايس ايل -4 جي سلسلي ۾ هتي منعقد ”ميدان سجائڻو آهي پاڪستان جو شان وڌائڻو آهي“ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.