APP75-31 KARACHI: December 31 - President Dr Arif Alvi talking to Banking Mohtasib Anisul Hassnain who called on him. APP

ڪراچي – 31 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته بئنڪاري محتسب سميت سمورن ادارن کي خدمتن جي فراهمي جي لاءِ جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ذريعن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، بئنڪاري شعبي ۾ وڌندڙ سائبر ڏوهن جي خلاف تدارڪ وارن قدمن کي يقيني بڻائڻ گهرجي. هن اها ڳالهه بئنڪنگ محتسب انيس الحسنين سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي.