APP51-28 ISLAMABAD: December 28 – Chairperson Benazir Income Support Program, Dr Sania Nishtar calls on Prime Minister Imran Khan at PM’s office. APP

اسلام آباد – 28 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان غربت جي خاتمي، بيروزگار ماڻهن کي هنرمند بڻائڻ ۽ غربت جي لڪير کان هيٺ خاندانن جي خوراڪ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته غربت جو خاتمو ۽ ڪمزور طبقي جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن اها ڳالهه بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن ڊاڪٽر ثانيه نشتر سان ڳالهائيندي چئي جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي.