APP41-03 ISLAMABAD: December 03 – President Dr. Arif Alvi talking to Ambassador of Turkey Mr. Ihsan Mustafa Yurdakul, who called on him. APP

اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ نهايت سازگار ماحول ۽ پرڪشش موقعا موجود آهن جنهن مان سڄي دنيا خاص طور تي ترڪي جي سيڙپڪارن کي فائدو کڻڻ گهرجي. هن اها ڳالهه پاڪستان ۾ ترڪي جي سفير احسان مصطفيٰ يرداڪل سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي.