اسلام آباد – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پنهنجي ڀارتي هم منصب نريندر مودي جي نالي پنهنجي خط ۾ مثبت سوچ جي اظهار تحت سمورن مسئلن جي حل لاءِ ڳالهين جي دعوت ڏني آهي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان پنهنجي ٽوئيٽ پيغام ۾ چيو آهي ته وزيراعظم مثبت سوچ جو اظهار ڪندي ڳالهين جي دعوت ڏني آهي ته جيئن ڳالهين ذريعي سمورن حل طلب مسئلن جو خاتمو ڪري سگهجي.