APP72-10 ISLAMABAD: September 10 - Federal Minister for Information and Broadcasting Chaudhary Fawad Hussain in a meeting with Information Group officers. APP

اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان انفارميشن گروپ جي آفيسرن ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته بيانيي جي جنگ کٽڻ لاءِ انفارميشن سروسز گروپ کي وڌيڪ مضبوط ۽ موثر بڻائڻ جي ضرورت آهي. روايتي جنگ جو دور گذري ويو، موجوده وقت ۾ دليل ۽ منطق جو بيانيو ئي ڪارائتو ثابت ٿئي ٿو.