APP57-05 ISLAMABAD: September 05 - Chairman Japan-Pakistan Parliamentary Friendship League, Seishiro Eto called on Foreign Minister Makhdoom Shah Mahmood Qureshi at Foreign Office. APP photo by Irshad Sheikh

اسلام آباد – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته جاپان پاڪستان جو هڪ وڏو حصيدار آهي، هن سدائين آزمائش جي وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي آهي ۽ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن اها ڳالهه پاڪ جاپان پارلياماني فرينڊشپ ليگ جي چيئرمين سائيشيروايٽو سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.