APP05-23 RAWALPINDI: August 23 - Federal Minister for Railways Sheikh Rashid Ahmed talking to media persons during his visit to Railway Station. APP photo by Javed Qureshi

اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ريلوي جو 40 ارب جو خسارو ختم ڪرڻو آهي، ريلوي جي سمورن ريسٽ هائوس کي پرائيويٽ سيڪٽر جي لاءِ کولينداسين، ايندڙ هفتي لاهور هيڊڪوارٽر ۾ ٻن نئين ٽرينن جو اعلان ڪنداسين. هو راولپنڊي ريلوي اسٽيشن تي صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو ته سواري جي کوٽ نه آهي فريٽ پاران ڌيان ڏيڻو پوندو.