APP43-14 ISLAMABAD: August 14 - Federal Minister for IBNH&LH, Syed Ali Zafar, cutting a cake in regards to Independence Day celebrations at Pakistan Broadcasting Corporation. APP

اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير بئريسٽر علي ظفر ريڊيو پاڪستان ۾ 71 هين يوم آزادي جو ڪيڪ ڪٽيو، نگران وفاقي وزير جشن آزادي جي حوالي سان ريڊيو پاڪستان جي خصوصي پروگرام/ ٽرانسميشن ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڊي جي ريڊيو پاڪستان شفقت جليل ۽ وزارت جا ٻيا عملدار به موجود هئا. وفاقي وزير بئريسٽر علي ظفر چيو ته پوري قوم کي منهنجي طرفان آزادي ڏهاڙي جي مبارڪ هجي، مون کي فخر آهي ته آئون ان قوم جو حصو آهيان.