APP43-30 ISLAMABAD: July 30 - Federal Minister for IBNH&LH, Syed Ali Zafar, addressing officers of Ministry of Information and attached departments. APP

اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري نگران وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي)، پاڪستان ٽيلي ويزن (پي ٽي وي) ۽ ريڊيو پاڪستان جي طرفان عام چونڊن 2018ع جي جامع ۽ پيشيوراڻي ڪوريج کي ساراهيندي چيو ته رياستي ميڊيا چونڊ عمل کي ڪامياب بڻائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي.