
اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته جمهوريت کي ميڊيا جي ضرورت آهي، نگران حڪومت مڪمل غيرجانبدار آهي، بليم گيم جو حصو بڻجڻ کانسواءِ سمورين وزارتن ۽ شعبن جي حوالي سان حقيقتون قوم آڏو رکي رهيا آهيون، جمهوريت کي معاشي عدم برابري، عدم برداشت ۽ ڪوڙين خبرن جهڙا خطرا درپيش آهن. هو سي پي اين اي جي ايڊيٽرز اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو ته حڪومت کي شفافيت سان هلائڻ گهرجي، حڪومت کي شفافيت سان هلائڻ جو هڪ ئي طريقو آهي ته معلومات عوام آڏو شيئر ڪئي وڃي، ميڊيا کي به آگاهه رکيو وڃي ته هر فيصلي جي پٺيان ڪهڙا سبب ۽ حقيقتون آهن، جيستائين ائين نه ٿيندو ان وقت تائين حڪومت ٺيڪ طريقي سان نه هلي سگهندي. هن چيو ته اسان سڀني جو هدف هڪ ئي آهي ته ڪرپشن ختم ڪئي وڃي.