APP19-12 ISLAMABAD: June 12 – Federal Minister for Information, Broadcasting, National History and Literary Heritage Syed Ali Zafar and Federal Minister for Finance, Revenue and Economic Affairs Dr. Shamshad Akhtar addressing a joint press conference. APP photo by Irshad Sheikh

اسلام آباد – 12 جون (اي پي پي( پاور ڊويزن واري وزارت بجلي جي گهرج ۽ پهچ ۾ فرق کي گهٽ ڪرڻ لاءِ جامع منصوبي کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي جنهن سان 30 جون تائين بجلي جي گهرج ۽ پهچ ۾ فرق ۾ نمايان گهٽتائي اچي ويندي، جولاءِ، آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ گهرج گهٽ ۽ بجلي جي فراهمي وڌي ويندي جڏهن ته نگران وفاقي وزير بئريسٽر علي ظفر چيو آهي ته گرمي جي شدت وڌڻ ۽ پن بجلي جي کوٽ سان بجلي جي گهرج ۾ اضافو ٿيو آهي، هن وقت گهرج ۽ پهچ ۾ فرق 2 هزار ميگاواٽ آهي، بجلي جي پيداوار 21 کان 22 هزار ميگاواٽ آهي ۽ گهرج 23 کان 24 هزار ميگاواٽ آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هتي ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو