
اسلام آباد – 30 مئي (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊن جيئن غير جانبدار ۽ آزاد ميڊيا به ملڪ جي لاءِ ضروري آهي، پاڪستان کي 2013ع کان وڌيڪ بهتر حالت ۾ ڇڏي وڃون پيا. آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائيٽي (اي پي اين ايس) جي ايوارڊز جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته اي پي اين ايس جي ايوارڊز جي تقريب تاريخي حيثيت رکندڙ آهي ۽ ان جي تمام گهڻي اهميت آهي.