APP66-23 PESHAWAR: May 23 - Prime Minister Shahid Khaqan Abbasi addressing at the inauguration ceremony of expansion of Bacha Khan International Airport. APP

پشاور – 23 مئي (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته موجوده حڪومت مجموعي قومي پيداوار ۾ اضافي ۽ ملڪي ترقي لاءِ مضبوط بنياد فراهم ڪري ڇڏيو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن باچا خان ايئرپورٽ پشاور جي توسيع منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پشاور ايئرپورٽ ملڪ جو چوٿون مصروف ترين ايئرپورٽ آهي ان لاءِ ان جي توسيع اڻٽر هئي، هن چيو ته موجوده حڪومت ايئر ٽرانسپورٽ سسٽم ۾ انقلابي تبديليون آنديون آهن ۽ اڄ ملڪ جي اهم هوائي اڏن تي مسافرن کي ماضي جي ڀيٽ ۾ بهتر سهولتون ميسر آهن.