APP14-21 ISLAMABAD: May 21 - Prime Minister Shahid Khaqan Abbasi addressing the launching ceremony of Curriculum and Textbooks ( Class Pre-I to V) organised by Ministry of Federal Education and Professional Training at PM Office. APP

اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته وفاقي حڪومت شاگردن کي جديد نصاب ۽ معياري تعليم جي فراهمي جي ذريعي ملڪ ۾ اعليٰ تعليمي معيار مقرر ڪيا آهن، صوبا به ان جي پيروي ڪن، هن اها ڳالهه تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزارت جي طرفان نئين نصاب ۽ درسي ڪتاب جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي جيڪا وزيراعظم آفيس ۾ منعقد ٿي.