لاهور – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان صوفين جي سرزمين آهي، دهشتگردن جي نه، لاهور لٽريري فيسٽيول تحمل ۽ برداشت جي رويي جي فروغ ۽ سڄي دنيا مان آيل ماڻهن جي لاءِ پل جو ڪردار ادا ڪندو. هو گورنر هائوس لاهور ۾ لاهور لٽريري فيسٽيول تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، پنجاب جي گورنر ملڪ محمد رفيق رجوانه، صوبائي وزير مجتبيٰ شجاع الرحمان، لاهور لٽريري فيسٽيول جي چيئرمين اقبال زيڊ احمد سميت دانشورن، اديبن ۽ غيرملڪي مهمانن تقريب ۾ شرڪت ڪئي.