اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (اين ايڇ اي) کي رستن جي تعمير جي سمورن منصوبن کي مڪمل شفافيت ۽ معيار تي ڪو ٺاهه ڪرڻ کانسواءِ مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اهي هدايتون هن جمعي ڏينهن هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنيون. اجلاس ۾ اين ايڇ اي جو چيئرمين شاهد اشرف تارڙ وزيراعظم کي رستن جي مختلف منصوبن جي باري ۾ تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو، اجلاس ۾ وفاقي وزير حافظ عبدالڪريم، مملڪتي وزير جنيد انوار چوڌري ۽ ٻين سينئر عملدارن شرڪت ڪئي.