اسلام آباد – پهرين جولاءِ (اي پي پي) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي معاملن بابت اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ٿيو. وزيراعظم جي روينيو بابت خصوصي معاون هارون اختر، ايف بي آر چيئرمين ۽ ناڻي واري وزارت ۽ ايف بي آر جي سينيئر عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.