APP17-02 ISLAMABAD: February 02 - First Lady Begum Mahmooda Mamnoon Hussain interacting with students of Islamabad Model College for Girls who called on her at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) خاتون اول بيگم محموده ممنون حسين چيو آهي ته جديد ٽيڪنالاجي ديني تعليم تائين پهچ آسان بڻائي ڇڏي آهي ۽ ڇوڪريون گهر ويهي ان مان ڀرپور فائدو کڻي سگهن ٿيون، ڇوڪرين جي بهتر تربيت سان گهر ۽ معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي سگهي ٿي، خاتون اول اها ڳالهه ايوان صدر ۾ اسلام آباد ماڊل اسڪول جي شاگردياڻين کي خطاب ڪندي چئي