اسلام آباد – 04 نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي وي جي اڳوڻي ڊراما ڊائريڪٽر ياور حيات جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته ياور حيات جي موت سان ملڪ هڪ عظيم اثاثي ۽ تخليقي ذهن کان محروم ٿي ويو آهي.