اسلام آباد – 26 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته هر قسم جي دٻاءُ کي هڪ پاسي رکندي بدعنواني جي خاتمي جي لاءِ ڪم ڪرڻ ضروري آهي ڇو ته ڪرپشن هڪ عالمي مسئلو آهي جنهن تي سمورن ملڪن کي گڏجي حڪمت عملي جوڙڻي پوندي. هن اها ڳالهه ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي تنظيم”سارڪ“ جي نمائندن سان ڳالهين دوران چئي جنهن ۾ ڀوٽان، ڀارت، مالديپ، نيپال ۽ سريلنڪا کانسواءِ ٻين ميمبر ملڪن جا نمائندا به شريڪ هئا. هي وفد قومي احتساب بيورو (نيب) جي اهتمام هيٺ ڪرپشن جي خاتمي جي لاءِ منعقد ڪيل سيمينار ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهن، ملاقات ۾ قومي احتساب بيورو جي چيئرمين قمر زمان چوڌري ۽ اعليٰ عملدارن به شرڪت ڪئي.