APP71-09 ISLAMABAD: September 09 – Ms. Sehrish Qamar, Member AJ&K Legislative Assembly called on Prime Minister Muhammad Nawaz Sharif at PM House. APP

اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف سان آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي ميمبر سحرش قمر وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد نواز شريف سحرش قمر کي آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي ميمبر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏيندي، وزيراعظم چيو ته عورتون معاشري جو اهم حصو آهن ۽ آئون عورتن جي بااختياري، تحفظ ۽ آزادي تي يقين رکان ٿو. سحرش قمر چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪومت وزيراعظم محمد نواز شريف جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي ويزن تي پختو يقين رکي ٿي.