ملتان – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ملتان جي مشهور صنعتڪار ڪاٽن جنرز ايسوسيئيشن جي صدر حاجي اڪرم ڪنيرا جي نياڻي ۽ ملڪ منور اقبال جي گهر واري جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سيد يوسف رضا گيلاني حاجي اڪرم ڪنيرا جي رهائشگاهه تي پهتو ۽ وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪري مرحومه جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ فاتحه خواني به ڪئي. سيد يوسف رضا گيلاني مرحومه جي وارثن سان افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ هو ساڻن گڏ آهي ۽ دعاڳو آهي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ ڏکويل ڪٽنب کي صبر عطا ڪري.