اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اوڀر افغانستان ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي پاڪستاني عوام ۽ حڪومت پاران متاثر خاندانن سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ اسان پنهنجي افغان ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي انهن جي لاءِ هر ممڪن تعاون جي لاءِ تيار آهيون. واضح رهي ته گذريل رات ڪابل کانسواءِ اسلام آباد سميت پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ پڻ زلزلي جا شديد جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. جن ۾ اطلاع موجب افغانستان ۾ سوين قيمتي جانين جي زيان کانسواءِ ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ملڪيتون به تباهه ٿيون.