اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري مملڪتي وزير کيئلداس ڪوهستاني آمريڪا جي ناظم الامُور نيٽالي بيڪر سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ بين المذاهب هم آهنگي جي اهميت ۽ فروغ بابت تفصيلي طور تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب کيئلداس ڪوهستاني چيو ته پاڪستان آمريڪا سان مذهبي هم آهنگي، گڏيل احترام ۽ پرامن گڏيل بقا کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. پاڪستان ۾ سڀني اقليتي برادرين جي حقن کي يقيني بڻايو ويو آهي. پاڪستان سڄي دنيا لاءِ مذهبي رواداري ۽ هم آهنگي جو هڪ بهترين مثال آهي. نيٽالي بيڪر چيو ته آمريڪا پاڪستان جي مذهبي ۽ ثقافتي گُلدستي کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ سڀني برادرين ۾ برابر احترام ۽ رواداري کي فروغ ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي.