اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي)ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته وقت سر فيصلا ۽ عملدرآمد بهتر مئنجمينٽ جون خوبيون آهن، اهم ريٽنگ ايجنسين طرفان پاڪستان جي ريٽنگ ۾ بهتريءَ سان ڪلي معيشت جي استحڪام لاءِ حڪومتي قدمن تي پرڏيهين جي اعتماد جي عڪاسي ٿي رهي آهي، موسمياتي تبديليون ۽ وڌندڙ آبادي پاڪستان لاءِ خطرا آهن، نجي شعبي کي قائداڻي ۽ حڪومت کي بهتر ماحول جي فراهمي جي حوالي سان ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اها ڳالهه هن انسٽيٽيوٽ آف چارٽرڊ اڪائونٽنٽس آف پاڪستان جي انتظام هيٺ پبلڪ فنانشل مئنجمينٽ جي موضوع تي رٿيل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. وفاقي وزير پنهنجي مُک خطاب ۾ چيو ته ڪو ادارو هجي يا ملڪ وقت سر فيصلا ۽ عملدرآمد بهتر مئنجمينٽ جون خوبيون آهن، بهترين نظم و نسق ۾ پبلڪ سرونٽس جو ڪردار مُک اهميت رکندڙ هوندو آهي. هن چيو ته ملڪي معيشت بهتريءَ طرف گامزن آهي، ڊگهي عرصي کانپوءِ ٽن اهم ريٽنگ ايجنسين فچ، ايس اينڊ پي ۽ هاڻ موڊيز پاڪستان جي ريٽنگ بهتر ڪئي آهي، انهن قدمن سان گذريل ڪجهه سالن ۾ ملڪ جي ڪلي معيشت جي استحڪام لاءِ حڪومت طرفان کنيل قدمن تي پرڏيهن جي اعتماد جي عڪاسي ٿي رهي آهي. هن چيو ته گيلپ سروي سميت تازي سروي رپورٽن مان واضح ٿي چڪو آهي ته معيشت جي بهتري جي حوالي سان اسان جو رُخ صحيح آهي. ناڻي واري وزير چيو ته معيشت جي استحڪام کانپوءِ تيزيءَ سان ترقي ۽ اؤسر لاءِ هي هڪ بهترين ۽ مناسب وقت آهي، اسان کي ماضيءَ ۾ معيشت جي لاهن چاڙهن جي چڪر مان هاڻ نڪرڻو پوندو، ايل سيز جي حوالي سان بهتري آئي آهي، سيڙپڪارن کي ان جو فائدو ملي رهيو آهي، پرڏيهه مان آيل ناڻي ۾ بهتري اچي رهي آهي، انهن قدمن سان بهتري جي عڪاسي ٿي رهي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ايندڙ هفتي وزيراعظم سان چين جي دؤري تي وڃي رهيا آهيون ۽ ان دؤري ۾ عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽ ۾ پاڪستان کي ٻيهر شامل ٿيڻ جي حوالي سان ڳالهين جو سلسلو ٻيهر شروع ٿيندو، پاڪستان پانڊا بانڊز ذريعي عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽن مان پڻ فائدو کڻڻ جا خواهشمند آهن. ناڻي واري وزير موسمياتي تبديلين ۽ وڌندڙ آبادي کي پاڪستان لاءِ وجودي خطرو قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان کي انهن ناڪاري اثرن کي مُنهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ ان جا اثر اسان آڏو آهن. ماحولياتي موزونيت ۽ مطابقت لاءِ منصوبن ۾ سمورن ڀائيوارن ۽ نجي شعبي کي حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، موسمياتي تبديلين سبب نه صرف معيشت پر انساني زندگين کي نقصان پهچي رهيو آهي، تازي برساتن ۽ ٻوڏ سبب هاڻ تائين 800 قيمتي انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن جن جو ڪو نعم البدل ناهي، ان روشنيءَ ۾ اسان کي ان منصوبن کي ترجيح ڏيڻي پوندي جيڪو وسيلن جي اندر رهندي مڪمل ٿي سگهن. ناڻي واري وزير چيو ته توانائي، ٽيڪس، پبلڪ فنانس ۽ ايس او ايز سميت ادارن ۾ ڍانچه جاتي سڌارن جو عمل جاري آهي، ايف بي آر ۾ پيپل، پراسيس ۽ ٽيڪنالاجي جي بنياد تي سڌارا ٿيا آهن، هاڻوڪي بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي کي رليف فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، فائلرز لاءِ گوشوار جمع ڪرائڻ جي طريقيڪار سادو ۽ آسان بڻايو ويو آهي، 75 کان 80 سيڪڙو تائين پگهاردار طبقو پنهنجا گوشوارا پاڻ جمع ڪرائي سگهندا، ٽيڪس نظام ۾ بهتريءَ لاءِ پاليسيءَ جي شعبي کي ايف بي آر کان واپس وٺي ناڻي وزارت کي ڏنو ويو آهي، ان سان پاليسين جي تسلسل کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي ۽ مقامي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي پڻ فائدو پهچندو. ناڻي واري وزير چيو ته سرڪاري ملڪيت ادارن ۾ سڌارن جو عمل جاري آهي، 43 وزارن ۽ ان سان لاڳاپيل 400 ادارن جو جائزو ورتو پيو وڃي، 24 ادارن کي نجڪاري ڪميشن جي حوالي ڪيو ويو آهي. پي ڊبليو ڊي ۽ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن ختم ڪيا ويا آهن، هي سخت فيصلا آهن پر ان سان بدعنواني کي ختم ڪرڻ ۽ شفافيت کي هٿي وٺرائڻ ۾ مدد ملندي، اسان سمجهون ٿا ته نجي شعبي کي قائداڻي ۽ حڪومت کي بهتر ماحول جي فراهمي جي حوالي سان ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، اهڙيءَ طرح نجڪاري جو عمل به ترتيبوار اڳتي وڌندو رهندو، پينشن جي نظام ۾ سڌارا آندا ويا آهن.