اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي) چناب درياهه ۾ خانڪي وٽ پاڻي جو وهڪرو 10 لک ڪيوسڪ کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته هيڊ ورڪس جي ڊيزائن ڪيل گنجائش 8 لک ڪيوسڪ آهي، ٻوڏ جي شديد وهڪري سبب هيڊ ورڪس جي هائيڊرالڪ ڍانچي کي نقصان پهچي سگهي ٿو. اين ڊي ايم اي پاران جاري بيان مطابق وزيراعظم جي هدايت تي اين ڊي ايم اي سمورن ريسڪيو آپريشن جي نگراني ڪري رهيو آهي، عوام حفاظتي قدم يقيني بڻائي، مقامي انتظاميه جي هدايتن تي فوري عمل ڪيو وڃي ۽ امدادي ٽيمن سان رابطو رکيو وڃي، شهري ٻوڏ متاثر علائقن ۾ غير ضروري سفر کان مڪمل پرهيز ڪن.