بيجنگ – 19 آگسٽ (اي پي پي) چين يوڪرين بحرام ۾ شامل سمورين ڌرين ۽ لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز تي زور ڏنو آهي ته هو امن ڳالهين ۾ فعال شرڪت ڪن ۽ جلد ئي اهڙو منصفاڻو ۽ پائيدار معاهدو طئي ڪن جيڪو سمورين ڌرين لاءِ قبول جوڳو هجي. پرڏيهي ميڊيا مطابق چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته چين يوڪرين بحران جي پرامن حل لاءِ ڪيل سمورين ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو. هن آمريڪي ۽ روسي صدر جي ملاقات تي تبصرو ڪندي چيو ته چين روس ۽ آمريڪا وچ ۾ مسلسل رابطي جي آجيان ڪري ٿو ۽ ٻنهي ملڪن کي همٿائي ٿو ته هو هو گڏيل لاڳاپن کي بهتر بڻائن ۽ يوڪرين بحران جي سياسي حل ڏانهن اڳڀرائي ڪن.