اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي آزاديءَ جي 78هين سالگره جي موقعي تي سڀني پاڪستانين کي جشنِ آزاديءَ جون واڌايون ڏيندي چيو آهي ته اڄ جو ڏينهن شڪر، فخر ۽ وفا جي عهد جو ڏينهن آهي، قربانين سان حاصل ڪيل آزاديءَ جي حفاظت اسان سڀني تي فرض آهي. يومِ آزاديءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ملڪ کي مضبوط بنائڻ ۾ هر پاڪستانيءَ جو ڪردار لازمي آهي، هڪ متحد قوم ئي دشمن جي ناپاڪ اِرادن کي شڪست ڏئي سگهي ٿي. هٿياربند فوج هر محاذ تي پاڪستان جو وقار مٿانهون رکيو. خالد حسين مگسي چيو ته آپريشن بيان المرصوص قومي سلامتيءَ جو نئون مثال قائم ڪيو، اسان سڀ گڏجي پاڪستان کي جديد ۽ پاڻڀرو رياست بڻائينداسين.