اسلام آباد-12 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ برطانيه جي فارن، ڪامن ويلٿ اينڊ ڊولپمينٽ آفيس (ايف سي ڊي او) جي روينيو موبلائيزيشن، انويسٽمينٽ اينڊ ٽريڊ (ريمٽ) پروگرام جي اسٽيئرنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس جي گڏيل صدارت پاڪستان ۾ برطانيه جي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ڪئي. اجلاس ۾ ناڻي وزارت، ايف بي آر، واپار واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل وزارتن ۽ کاتن جي سينيئر عملدارن، برطانوي هاءِ ڪميشن ۽ ايف سي ڊي او جا نمائندا شريڪ ٿيا. اجلاس دوران ريمٽ پروگرام تحت مختلف قدمن تي اڳڀرائيءَ بابت بريفنگ ڏني وئي جن ۾ آءِ ايم ايف جي هدفن تي عملدرآمد لاءِ فني معاونت، جي ايس ٽي هم آهنگي، صوبن ۾ موسمياتي ۽ آفتن بابت بجيٽ ٽيگنگ،ص وبائي صطح تي ريگيوليٽري سڌارن، واپار جي آزادي، صنعتي پاليسي ۽ معاشي سڌارن جي اثرائتي حڪمت عملي شامل هيون. ناڻي واري وزير ٽيڪس، سيڙپڪاري، واپار ۽ مجموعي معيشت جي شعبن ۾ سڌارن جي اڳڀرائيءَ کي ساراهيو. هن خاص ڪري ڪمپلائنس رسڪ مئنجمينٽ ۽ ايف بي آر ۾ ٽيڪس ڏيندڙن لاءِ سهولتون بهتر بڻائڻ جي قدمن ۽ ريگيوليٽري ۽ ٽيرف سڌارن جي تعريف ڪئي جيڪي پاڪستان جي معاشي ترقيءَ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. ناڻي واري وزير زو ڀريو ته سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مختصر، وچولي ۽ ڊگهي مُدي تي ٻَڌل مربوط حڪمت عملي اختيار ڪرڻ اڻٽر آهي. ناڻي واري وزير چيو ته هڪ سازگار ۽ آسان ريگيوليٽري ماحول قائم ڪرڻ مقامي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ نهايت اهم آهي. هن چيو ته سيڙپڪار عمومن گهٽ ٽيڪس شرح، سستي توانائي، مناسب مالياتي سهولتون ۽ معاون ريگيوليٽري ڍانچي کي ترجيح ڏيندا آهن. حڪومت ٽيڪس، توانائي ۽ ماحولياتي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ پُرعزم قدم کڻي رهي آهي جڏهن ته ريگيوليٽري سڌارن وارو هڪ اهڙو شعبو آهي جيڪو مڪمل طور تي اسان جي پنهنجي اختيار ۾ آهي ۽ ان عزم، محنت ۽ خلوص نيت سان آسانيءَ سان بهتر بڻائي سگهجي ٿو. جين ميريٽ پاڪستان جي معاشي سڌارن واري هدف کي حاصل ڪرڻ ۾ برطانوي حڪومت جي مڪمل حمايت جي عزم کي ورجايو ۽ـ چيو ته ريمٽ پروگرام وفاقي ۽ صوبائي ڌُرين سان گڏجي مالياتي، واپاري ۽ سيڙپڪاريءَ بابت سڌارن کي اڳيان وڌائڻ جو هڪ اهم پليٽ فارم آهي. ڌُرين ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ريمٽ پروگرام تحت تعاون جاري رکيو ويندو ته جيئن پاڪستان جي معاشي بنيادن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائي سگهجي ۽ جٽادار معاشي ترقيءَ لاءِ سڌارن جي عمل کي تيز ڪري سگهجي.