اسلام آباد -16 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڊيره اسماعيل خان جي علائقي ڪلاچي  ۾ يادگاري چوڪي ويجهو فتنه الهندوستان جي دهشتگردن طرفان فائرنگ جي مذمت ڪئي ۽ شهادت ماڻيل ٻن پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. گهرو وزارت پاران جاري بيان ۾ وفاقي وزير  شهيد پوليس اهلڪارن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. گهرو وزير چيو ته ڪي پي ڪي پوليس  جي بهادر سپوتن جي قربانين کي سلام پيش ڪيان ٿو. محسن نقوي چيو ته شهيد پوليس اهلڪارن جي وارثن سان گڏ آهيون، شهيد پوليس اهلڪارن جي قرباني ضايع نه ويندي، محسن نقوي چيو ته خيبر پختونخوا پوليس دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هر اول جٿي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڪي پي ڪي پوليس جي جوانن تي فخر آهي. وفاقي گهرو وزير چيو ته فتنه الهندوستان  جي حملو ڪندڙ دهشتگردن خلاف وقت سر ڪارروائي تي پوليس کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو. هن چيو ته فتنه الهندوستان جي دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي خيبرپختونخوا جي پوليس جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيون ٿا. محسن نقوي چيو ته پوليس جو فتنه الهندوستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تحسين جوڳو آهي. هن چيو ته فتنه الهندوستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي آءِ جي پوليس خيبر پختونخوا ۽ سندس پوري ٽيم کي مبارڪون ڏيان ٿو. وفاقي گهرو وزير چيو ته ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن کي امن جي فضا خراب ڪرڻ نه ڏينداسين. اي