اسلام آباد-09 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سينيٽر سيد شبلي فراز سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ سندس خيريت معلوم ڪئي. شبلي فراز ڇاتي ۾ تڪليف هجڻ سبب پشاور جي هڪ اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين، سينيٽر شبلي فراز کي ٽيليفون ڪري سندس صحت جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ سندس جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.