اسلام آباد– 09 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته وفاقي حڪومت قومي ۽ عالمي سطح تي هاڪيءَ جي راند جي فروغ جي لاءِ ڀرپور تعاون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي وزارت واري ترجمان پاران جاري پڌرائي موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ هاڪيءَ جي راند جي موجوده صورتحال جي جائزه اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس ۾ بين الصوبائي رابطن واري وزارت (آءِ پي سي)، اطلاعات واري وزير، آءِ پي سي واري سيڪريٽري، ڊي جي پاڪستان اسپورٽس بورڊ، پاڪستان هاڪيءَ فيڊريشن جي صدر ۽ پرڏيهي ۽ سمنڊ پار پاڪستانين واري وزارت کانسواءِ لاڳاپيل وزارتن جي اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. قومي راند هاڪيءَ جي اهميت کي تسليم ڪندي ڪميٽي مختلف سطحن تي اداراجاتي تعاون، پائيدار ترقي ۽ راند نئين سري سان گڏيل توجهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.