اسلام آباد-29 جون (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته ماحولياتي تبديلي بندرگاهي معيشت لاءِ خطرو آهي، سمنڊ جو وڌندڙ گرمي پد آبي حيات لاءِ خطرو آهي. سامونڊي معاملن واري وزارت مان جاري پنهنجي بيان ۾ محمد جنيد انوار چوڌري چيو ته سخت گرمي سبب سامونڊي علائقن ۾ بيمارين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، ڪي پي ٽي، تي سرڪاري ملازمن جي هيلٿ اسڪريننگ جي شروعات ڪئي وئي آهي. هن چيو ته سامونڊي علائقن کان ماحولياتي تحفظ جي شروعات ٿيڻ گهرجي، سمنڊ جو وڌندڙ گرمي پد آبي حيات لاءِ خطرو آهي. وفاقي وزير چيو ته علائقائي سهڪار سان سامونڊي تحقيق کي هٿي ڏيڻي پوندي. هن وڌيڪ چيو ته بندرگاهي علائقن ۾ وڻڪاري جي منصوبن جي ضرورت آهي، بندرگاهي پورهيتن لاءِ سخت حفاظتي قانون متعارف ڪرائينداسين، پورٽ ڪميونٽي ڪلائيميٽ ريزيليئنس پروگرام شروع ڪيو ويندو.