اسلام آباد -29 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي ٻئين پارلياماني سال جي پهرين 4 مهينن ۾ 13 حڪومتي ۽ 4 پرائيويٽ بلز منظور ڪيا آهن. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ذريعن موجب ٻي پارلياماني سال جي شروعات پهرين مارچ 2025ع کان شروع ٿي هئي، انهي عرصي دوران قومي اسيمبلي ۾ فنانس بل سميت 13 حڪومتي بلز پاس ٿيا، انهن ۾ فنانس بل 2025ع، ايڪسپلوسو ترميمي بل 2025، پاڪستان نيوي ترميمي بل 2025، انڪم ٽيڪس ترميمي بل 2025، فيڊرل بورڊ آف انٽرميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن ترميمي بل 2025، اينٽي ڊمپنگ ڊيوٽيز ترميمي بل 2025، سول سرونٽس ترميمي بل 2025، آف دي گرڊ ڪيپيٽو پاور پلانٽس ليوي بل 2025، اسپيشل ٽيڪنالاجي زون اٿارٽي ترميمي بل 2025، اقليتن جي حقن بابت قومي ڪميشن بل 2025 منظور ڪري ورتا. ان دوران 4 پرائيويٽ ميمبرز بل به منظور ڪيا ويا، انهن ۾ واپاري تنظيمون ٻئين ترميم بل 2025، اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري چائلڊ ميرج ريسٽرينٽ بل 2025، دي انٽر نيشنل ايگزامنيشن بورڊ بل 2025 ۽ گهرڪي انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي بل 2025 شامل آهن. واضح رهي ته هي پارلياماني سال فيبروري 2026ع تي پڄاڻي تي پهچندو. قومي اسيمبلي جو پارلياماني سال مارچ کان فيبروري تائين آهي. پهرين پارلياماني سال ۾ ڪل 9 نجي ۽ 38 حڪومتي بلز منظور ڪيا ويا هئا، انهن جي ڀيٽ ۾ هلندڙ پارلياماني سال جي پهرين ڪوارٽر ۾ ئي 4 پرائيويٽ ۽ 13 حڪومتي بلز منظور ڪيا ويا آهن.