اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي اسيمبلي ۾ مُخالف ڌر جي ميمبر اقبال آفريدي ملاقات ڪئي. ايوان ۾ بجيٽ جي منظوري جي موقعي تي وزيراعظم سان اقبال آفريدي سندس سيٽ تي وڃي ملاقات ڪئي. پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پڻ ان موقعي تي موجود هو. اقبال آفريدي ايوان ۾ بجيٽ تي بحث ۽ فنانس بل ۾ ترميمن تي بحث جي موقعي تي اڳوڻي فاٽا ۽ پاٽا تي ٽيڪس لاڳو نه ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.