اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان مُخالف ڌر جي ميمبر شير افضل مروت ۽ ذوالفقار خان ملاقات ڪئي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ فنانس بل جي منظوري جي موقعي تي شير افضل مروت ۽ ذوالفقار خان وزيراعظم سان سندس سيٽ تي وڃي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ پڻ موجود هو. وزيراعظم شير افضل مروت سان ملاقات جي موقعي تي پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري کي هدايتون پڻ جاري ڪيون.