اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي اسيمبلي ميمبرن راجا اسامه سرور، احسان الحق باجوه، وسيم قادر، شيخ آفتاب احمد، اظهر خان لغاري ۽ تهمينه دولتانه ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي منظوري جي لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ لاڳاپيل تڪن جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پارلياماني معاملا يونٽ وارو وزير راڻا مبشر اقبال، توانائي وارو مملڪتي وزير عبدالرحمان ڪانجو ۽ خاص معاون طلحيٰ برڪي پڻ ان موقعي تي موجود هئا.