اسلام آباد-26 جون (اي پي پي) گهرو معاملن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته منشيات جي استعمال جو وڌندڙ خطرو هر معاشري لاءِ چئلينج بڻجي چڪو آهي، پاڪستان نيشنل اينٽي نارڪوٽڪس پاليسي تحت منشيات جي استعمال ۽ اسمگلنگ خلاف جامع قدم کنيا آهن ۽ اي اين ايف جو ان ڏس ۾ ڪردار واکاڻ جوڳو آهي، سڄي دنيا کي گڏيل قدمن سان منشيات جي استعمال اڳيان بند ٻڌڻو پوندو. گذريل ڏينهن منشيات جي استعمال ۽ غير قانوني اسمگلنگ خلاف عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ گهرو وزير چيو ته منشيات جي استعمال جو وڌندڙ خطرو هر معاشري لاءِ چئلينج بڻجي چڪو آهي، سڄي دنيا جي گڏيل قدمن سان منشيات جي استعمال اڳيان بند ٻڌڻو پوندو، پاڪستان ان جنگ ۾ دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. هن چيو ته پاڪستان نيشنل اينٽي نارڪوٽڪس پاليسي تحت منشيات جي استعمال ۽ اسمگلنگ خلاف جامع قدم کنيا آهن ۽ اي اين ايف جو ان ڏس ۾ ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. گهرو وزير چيو ته قوم سمورن شهيدن کي سلام پيش ڪري جن هي جنگ پنهنجي رت سان وڙهي، اهو عزم اسان جي اجتماعي طاقت جي نشاني آهي. محسن نقوي چيو ته منشيات جي استعمال ۽ اسمگلنگ خلاف جنگ کٽڻ لاءِ سڀني کي ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪرڻو پوندو، منشيات کان پاڪ معاشرو نئين نسل جو حق آهي ۽ اهو حق کين ڏئي رهنداسين.