اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين گوهر علي خان ۽ اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر سان سندن سيٽن تي وڃي ملاقات ڪئي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ فنانس بل 2025ع جي منظوري دوران وزيراعظم اجلاس ۾ موجود رهيو. بعد ۾ جڏهن نماز ۽ مانجهاندي جو وقفو ڪيو ويو ته وزيراعظم ايوان کان ٻاهر وڃڻ کان اڳ مخالف ڌر جي سيٽن تي وڃي گوهر علي خان ۽ اسد قيصر سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کان خيريت معلومات ڪئي.